چنڊ، محمد عمر

چنڊ، محمد عمر

چنڊ محمد عمر

چنڊ، محمد عمر: لسانيات جي ماهر ۽ استاد محمد عمر ولد حاجـي محـمـد خـان چـنڊ، 12 سيپٽمبـر 1944ع تي ڳـوٺ نئـون آباد، تعلقي ڄام نواز علي خان، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڪنڊياريءَ مان ورتائين. 1961ع ۾ مئٽرڪ هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان ڪيائين. 1966ع ۾ انٽر سروري اسلاميه ڪاليج مان پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين. 1970ع ۾ ايم. اي (انگريزي ادب) ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. محمد عمر چنڊ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1971ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار ٿيو ۽ 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1974ع ۾ اسڪالرشپ تي يونيورسٽي آف ايلنواڊ، آمريڪا ۾ پڙهڻ ويو، جتي لسانيات تي اهم مضمون پڙهيائين. جنهن بعد اتي ڪجهه عرصو پڙهائيندو به رهيو. محمد عمر چنڊ ايران جي رايل ايئر فورس ۾ 1975ع کان 1979ع تائين پڙهايو. ان کان سواءِ عراق جي ممل يونيورسٽيءَ ۾ 1980ع تائين پڙهايائين. ان بعد هن ٽنڊي ڄام زرعي يونيورسٽيءَ ۾ 1982ع تائين هڪ استاد جي حيثيت ۾ پڙهايو ۽ برونائي دارالاسلام ۾ 1985ع کان 1989ع تائين پروفيسر جي حيثيت ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين.
محمد عمر چنڊ هڪ عالم شخص آهي. هن جا هيٺيان ڪتاب مڃتا ماڻي چڪا آهن: (1) سنڌي ٻوليءَ جون آراڌايون (ٻه ڇاپا)، (2) Using Question- Answer Techniques (1985)، (3) حر تحريڪ (انگريز سامراج خلا حرن جي سئو سالا جنگ: 2002ع)، (4) World of Work, Iredicatment of a Scholar (هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ جا ۽ ڊاڪٽر بلوچ ڏانهن 1946ع کان 2006ع تائين لکيل انگريزي خط جمع ڪيل آهن، جيڪو 2007ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڇپايو آهي.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.09.12  عيسوي

لسانيات جي ماهر ۽ استاد محمد عمر ولد حاجـي محـمـد خـان چـنڊ، 12 سيپٽمبـر 1944ع تي ڳـوٺ نئـون آباد، تعلقي ڄام نواز علي خان، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راجا رفيق پنهور
واحد بخش شيخ
آر ڪي پرنگل
حاجي محمد عظيم اعواڻ
خليل بن بصري
حامد شاهه فقير
ٽيڊئيس رڪشٽائن
پاربرهم فقير
رشدالله شاهه امروٽي
عبدالمجيد مري سنڌي پروفيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون